جان محمد گبربند

جان محمد گبربند (Jan Muhammad Band): هي گبر بندڳوٺ جان محمد کان هڪ ڪلوميٽر کراري نئن جي ڪناري تي، ضلعي لسٻيلي ۾ آهي. هتي ڪل ٻه بند آهن، اهي بند کراري نئن جي ڪناري تي آهن. اها نئن صرف برساتن ۾ وهندي آهي. هڪ بند کراري نئن جي ڪناري تي آهي. اتان ڪي به ثقافتي وٿون نه مليون آهن، جو ان بابت ڪو اندازو لڳائي سگهجي. ٻيو گبر بند ڳوٺ جان محمد کان هڪ ڪلوميٽر پنڌ تي کراري نئن جي ڪناري تي واقع آهي ۽ بلڪل پهرين بند جي سامهون ٺهيل آهي. ان قسم جا بند بلوچستان ۾ عام آهن؛ جيڪي گهڻو ڪري نينُ جي وهڪرن جي لڳو لڳ آهن، ته جيئن اهي نيون برساتي پاڻي کڻي اچن ته ان کي روڪيو وڃي. بند ٻن قسمن جا آهن. هڪڙو بند اهو جيڪو نئن جي پوري پيٽ واري پاڻيءَ کي روڪڻ لاءِ ٻڌو وڃي، جنهن کي ‘بند’ ئي چئجي؛ ۽ ٻيون ‘ڪِڙيون‘ (Kirai) هن قسم جي بند ۾ نئن جي ڪنهن حصي تي بند ٻڌي پاڻي روڪيو وڃي ٿو.
هتان وچولي جسامت وارو سادو ٺڪراٺو مليو آهي. ڪوبه چِٽيل ٺڪر هٿ نه آيو آهي، جهڙيءَ ريت انجيرا يا ٻين بلوچستان جي اڪثر ماڳن تان مليون آهي.هنن بندن لاءَ ڪن عالمن جو چوڻ آهي ته هي اوائلي سنڌو تهذيب کان پوءِ واري زماني تائين به ڪم سر انجام ڏيندا رهيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو